بند گوبي

بند گوبي

بند گوبي

بند گوبي: ڀاڄيءَ طور ڪم ايندڙ هڪ قسم جي سبزي، جيڪا ذائقي ۾ گوبيءَ جهڙي ٿئي. هن ۾ گل جي بدران پن ٿين، جيڪي مکڙيءَ وانگر هڪٻئي جي مٿان ويڙهيل هوندا آهن. بند گوبيءَ ۾ وٽئمن، اي، سي ۽ نمڪيات، چُن ۽ فاسفورس گهڻي مقدار ۾ موجود هوندو آهي. هيءَ ڀاڄي سياري جي پيداوار آهي. بند گوبيءَ جي پوک لاءِ پهرين ٻيجو پوکبو آهي، پوءِ وهراج ڪبو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو